اسلام آباد -05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي معاملن بابت مشير قمر الزمان ڪائره چيو آهي، ته پاڪستان?? قوم اڄ سڄي دنيا ۾ يوم يڪجهتي ڪشمير ملهائي رهي آهي ته جيئن ڪشميرين جي حق خوداراديت جي حمايت جو پيغام سڄي دنيا ۾ پهچائي سگهجي. عالمي برادري کي ڪشمير جي معصوم ماڻهن تي ڀارت جي ظلم ۽ بربريت تي خاموشي ٽوڙڻ گهرجي، اڳوڻي ڀارتي وزيراعظم نهرو ڪشميرين سان اهو واعدو ڪيو هو ته هو گڏيل قومن جي ٺهرائن ذريعي ڪشمير تڪرار حل ڪرائيندو. پرڏيهي وزارت ۽ ڪشمير گلگت بلتستان جي معاملن واري وزارت جي اهتمام هيٺ گڏيل طور تي منعقد ڪيل يڪجهتي واڪ کي خطاب ڪندي قمر الزمان ڪائره چيو ته پاڪستان ڪشمير جي شهه رڳ ۽ اڻٽٽ ان?? آهي. هن چيو ته يوم يڪجهتي ڪشمير ملهائڻ جو واحد مقصد عالمي برادري جي ضمير کي جهنجهوڙڻ آهي. ڪشميرين جي حمايت جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۾ هر شعبي سان تعلق رکندڙ شخصيتون، شاگرد، صحافي ڪشميرين جي حق خوداراديت واري مطالبي جي حمايت ڪ??ي رهيا آهن. هن چيو ته ڀارت ڪ??ميرين جي آزادي واري جدوجهد کي دٻائڻ لاءِ مختلف ح??با استعمال ڪري رهيو آهي پر اهو ڪڏهن به پنهنجي ناڪام ايجنڊا ۾ ڪامياب نه ٿيندو، ان موقعي تي ڪل جماعتي حريت ڪ??نفرنس آزاد ڄمون ڪشمير جي سينئر ??ڳواڻ غلام محمد صفي ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد ۾ حمايت ڪ??ڻ تي پاڪستان ۽ عوام جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته عالمي برادري تي زور ڀريو وڃي ته اها مظلوم ڪشميرين خلاف ڀارت جي ظلم کي روڪڻ لاءِ ان تي دٻاءُ وجهي.