اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڄم??ن ۽ ڪشمير جي تڪرار جي منصفاڻي حل تائين پاڪستاني قوم سک سان نه ويهندي، پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي اڻٿڪ حمايت جاري رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير سان يڪجهتي ??ي ڏهاڙي جي تيارين جي حوالي سان هڪ خصوصي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم ڪشمير سان يڪجهتي ??ي تيارين جي حوالي سان سمورن لاڳاپيل ادارن کي هم آهنگي سان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي وزارتن، صوبائي حڪومتن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄم??ن ۽ ڪسمير جي حڪومتن جي نمائندن ڪشمير سان يڪجهي ڏهاڙي جي تيارين جي حوالي سان وزيراعظم کي بريفنگز ڏنيون. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ته ڀارت گذريل 75 سالن کان ڄم??ن ۽ ڪشمير تي ??يرقانوني قبضو ڪري رکيو آهي، 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني قدمن کانپوءِ ڪشميرين کي ڀت سان لڳايو ويو ۽ تازن ڏينهن ۾ ڀارت جي ڪشميرين تي ??لمن ۾ وڌيڪ تيزي آئي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي اڻٿڪ حمايت جاري رکندو. وزيراعظم چيو ته ڪشميرين جو آواز پوري دنيا ۾ پهچايو ويندو، ڄم??ن ۽ ڪشمير جي تڪرار جي منصفاڻي حل تائين پاڪستاني قوم سان سک نه ويهندي. وزيراعظم هن سال ڪشمير سان يڪجهتي ??ي ڏهاڙي کي موثر انداز ۾ ملهائڻ جي لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن کي هم آهنگي سان ڪم ڪرڻ جي ??ڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزارتن، صوبائي حڪومتن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄم??ن ۽ ڪشمير جي حڪومتن جي نمائندن ڪشمير سان يڪجهتي ??ي ڏهاڙي جي تيارين جي حوالي سان بريفنگز ڏنيون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ان حوالي سان سڄي ملڪ ۾ ريل??ون?? واڪ، تصويري نمائشون، تقريرن مقابلا ۽ ٻيون تقريبون منعقد ڪيون وينديون. اجلاس ۾ ريلوي ۽ هوابازي واري وفاقي و??ير خواجه سعد رفيق، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير مريم اورنگزيب، مواصلات واري وفاقي و??ير مولانا اسعد محمود، تعليم واري وفاقي و??ير راڻا تنوير حسين، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وفاقي امين الحق، وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره، وزيراعظم جي خاص معاون طارق فاطمي ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.