اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا او آءِ سي سان لاڳاپيل معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه جاري رکندا، اسلامي تعاون تظيم جو سيڪريٽري جنرل 10 کان 12 ڊسمبر تي پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جو دورو ڪندو، ڀارت ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جي حق کان محروم رکيو آهي، ڀارت جي غيرق??نو??ي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميري صحافي وڏي دٻاءُ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي ويزا جاري نه ڪرڻ جي ڀارتي فيصلي جي نتيجي ۾ پاڪستاني رانديگر خصوصي اهميت رکندڙ عالمي راندين جي ايونٽ ۾ شرڪت نه ڪري سگهيا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارت جي غيرق??نو??ي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميري صحافي شديد دٻاءُ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، انهن کي ڌمڪيون، حملا ۽ گرفتاريوون درپيش آهن، والاريل ڪشمير ۾ لاڳو ڪيل ميڊيا پاليسي جومقصد معلومات جي آزاداڻي وهڪري کي گهٽ ڪرڻ ۽ ميڊيا کي ڀارت جي غلط معلومات جي م??م جي رڳو هڪ پروپئگنڊه بڻائڻ آهي، ڪشميري م??ڊيا کي والاريل علائقي جي اصل صورتحال جي ڪوريج ڪرڻ ۽ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن جا بيان ??اپ?? کان روڪيو ويو آهي. ترجمان چيو ته ڪجهه هفتا اڳ ڪشميري فوٽو جرنلسٽ ثنا ارشاد متو کي پلٽزر پرائز حاصل ڪرڻ جي لاءِ نيويارڪ وڃڻ کان روڪيو ويو جڏهن ته آصف سلطان، منان گلزار ڊار، فهد شاهه ۽ سجاد گل سميت ناليوارا صحافي مختلف جيلن ۾ غيرق??نو??ي طور تي نظربند آهن. ترجمان چيو ته ڀارتي عملدارن پاران وڌيڪ ڪيترن ئي ماڻهن کي طلب ڪري انهن کي هراسان ڪيو ويو ۽ انهن کي ڌمڪيون ڏنيون ويون. هن چيو ته اهي ظالماڻا قدم پوري دنيا کان ڪشمير تي ڀارت جي غيرق??نو??ي قبضي جو اصل چهرو لڪائي نه ٿا سگهن. ترجمان چيو ته اسان 10 ڊسمبر تي انساني حقن جي عالمي ڏينهن طور ملهايون ٿا، اسان کي ڀارت جي غيرق??نو??ي طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم ماڻهن کي ياد رکڻ گهرجي، اتي انساني حقن جون خلاف ورزيون جاري آهن ۽ ڀارت ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جي حق کان محروم رکيو آهي. ترجمان ڀارت جي شهر ايوڌيا ۾ هندو انتهاپسندن جي هٿان تاريخي بابري مسجد جي انهدام جي 30 هي ورسيءَ جو ذڪر ڪندي چيو ته اها ڀارت ۾ وڌندڙ مذهبي عدم برداشت جي هڪ افسوسناڪ ياد ڏياري ٿي جنهن کي عالمي برادري کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. ترجمان اکين کان محروم ماڻهن جي لاءِ ٽئين ٽي 20 ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ شرڪت جي لاءِ ڀارت پاران پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي ويزا جاري نه ڪرڻ تي گهري افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڀارتي فيصلي جي نتيجي ۾ پاڪستاني رانديگر خصوصي اهميت رکندڙ عالمي راندين جي ايونٽ ۾ شرڪت نه ڪري سگهيا. ترجمان چيو ته ڀارتکي راندين جي م??ابلن کي سياسي رنگ ڏيڻ جو رواج ختم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان ان واقعي تي پنهنجي گهري مايوسي ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي انڊونيشيا جي جاري دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته ٻنهي م??ڪن جي پرڏيهي وزيرن بالي ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ سمورين سطحن تي ٻطرفين ڳالهين کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل فائديمند تعاون کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ترجمان چيو ته ٻه وڏن اسلامي م??ڪن جي حيثيت سان پاڪستان ۽ انڊونيشيا او آءِ سي سان لاڳاپيل معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه جاري رکندا. هن چيو ته ٻنهي پرڏيهي وزيرن پرڏيهي وزير جي سطح تي گڏيل وزارتي ڪميشن (جي ايم سي) قائم ڪرڻ جي لاءِ هڪ تاريخي م??اهمتي ياداشت تي صحيحون ڪيون آهن، جي ايم سي گڏيل طور تي فائديمند تعاون جي نگ??اني ڪندو ۽ ٻطرفن باقاعده رابطن کي فروغ ڏيندو. ترجمان چيو ته اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ 10 کان 12 ڊسمبر تي پاڪستان جو دورو ڪندو، گذريل سال نومبر ۾ او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ سندس پاڪستان جو هي پهريون باقاعده دورو هوندو. ترجمان چيو ته اسلامي تعاون تنظيم جو سيڪريٽري وزيراعظم سان ملاقات ڪندو ۽ پرڏيهي وزير سان وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. حسين ابراهيم طحيٰ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو پڻ ڪندو. ترجمان چيو ته دوري دوران او آءِ سي جي ايجنڊا تي م??جود ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار، اسلامو فوبيا ۽ افغانستان ۾ انساني صورتحال سميت ٻيا معاملا بحث هيٺ ايندا. سندس دوري سان او آءِ سي جي م??مبر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، سماجي ۽ ٽيڪنيڪي تعاون تي خيان جي ڏي وٺ جو موقعو پڻ ملندو. هن چيو ته پاڪستان او آءِ سي جي باني م??مبر ۽ پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي م??جود سربراهه جي حيثيت سان اسلامي يڪجهتي، اتحاد ۽ مڪالمي کي فروغ ڏيندو رهندو.