اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي ??ي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي سان ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ملاقات ڪئي ۽ کيس ملڪي مجموعي معاشي صورتحال، معيشت ۽ ٻوڏ متاثري?? جي بحالي سميت ٻين معاملن کان آگاهه ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ناڻي واري وزير صدر کي ملڪ جي مجموعي معاشي صورتحال ۽ معاشري جي ڪمزور ترين طبقن کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ حڪومتي قدمن کان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ ماليات، معيشت ۽ ٻوڏ متاثري?? جي بحالي بابت مختلف معاملن تي پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي.