ڪ??اچ??- 24 آڪٽوبر (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير ۽ پي پي پي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري شازيه عطا مري پاران سينيئر صحافي ۽ اينڪر پرسن ارشد شريف جي ڪينيا ۾ حادثي دوران لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ??ندي پونئيرن سان تعزيت ڪئي آ هي. وفاقي وزير شازيه مري پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ چيو آهي ته سينيئر صحاف?? ارشد شريف جي ڪينيا ۾ حادثي دوران لاڏاڻي جو ٻڌي ڏک ۽ صدمو رسيو آهي. ھ?? چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ سوڳوار خاندان سان ھمدردي ۽ تعزيت جو اظهار ??ريون ٿا ۽ دعا گھري ته الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند ۽ پونئرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي.