اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيد ميلادالنبي ﷺ جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائي ??ي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب صدر سزائن ۾ گهٽتائي ??ي منظوري آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني آهي. سزائن ۾ گهٽتائي ??نگين نوعيت جي ڏوهن ۾ سزا يافته قيدين تي لاڳو نه هوندي. قتل، جاسوسي ۽ رياست مخالف سرگرمين، زنا، چوري، ڦر، اغوا ۽ ده??تگردي ۾ سزا يافته ڏوهارين تي سزائن ۾ گهٽتائي ??و فيصلو لاڳو نه هوندو. اهڙي طرح مالي ڏوهن ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ڏوهارين جي سزائن ۾ به گهٽتائي نه ٿيندي. ايوان صدر جي پڌرائي موجب 65 سالن کان وڌيڪ عمر جي مرد قيدي جيڪي پنهنجي قيد جو ٽيون ح??و ڪاٽي چڪا آهن ۽ 60 سالن کان وڌيڪ عمر جُون قيدي عورتُون جيڪي قيد جو ٽيون ح??و ڪاٽي چڪيون آهن انهن تي سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي. اهڙي طرح 18 سالن کان گهٽ عمر جا ماڻهو جيڪي پنهنجي سزا جو ٽيون ح??و ڪاٽي چڪا آهن انهن تي به سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي.