نيويارڪ – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جو پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زردار?? گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اج??اس ۾ شرڪت جي لاءِ نيويارڪ پهچي ويو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقبل نمائندي منير اڪرم، آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان، نيويارڪ ۾ قونصل جنرل عائشه علي ۽ گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن ۽ قونصليٽ جنرل جي عملدارن پرڏيهي وزير جو استقبال ڪيو. اج??اس ۾ سڄي دنيا مان اٽڪل 140 اڳواڻ شريڪ ٿيندا. واضح رهي ته پرڏيهي وزير ثمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اج??اس ۾ شرڪت کانپوءِ آچر جي صبح واشنگٽن پهتو هو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي – 77 ۽ چين جي پرڏيهي وزيرن واري سالياني اج??اس ۽ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري سالياني ڪوآرڊينيشن اج??اس جي صدارت سان گڏوگڏ ڪيترن ئي اعليٰ ??طح?? اج??اسن ۾ شرڪت سميت ڪيترن ئي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ملاقاتون، ٿنڪ ٽينڪ کي خطاب ۽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ جي اج??اس ۾ شرڪت ڪندو.