دوحه – 24 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني پا??ست??ن ۽ قطر جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب اميري ديوان اچڻ تي قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني وزيراعظم شهباز شريف جي پرجوش آجيان ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ملاق??ت ۾ ٻطرفن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پا??ست??ن ۽ قطر جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو.