اسلام آباد – 01 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت ا??ل اين جي جا ڊگهي مدي وارا معاهدا ڪرڻ ۾ مجرماڻي غفلت ڪئي آهي جنهن جي ڪري اڄ بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ درپيش آهي، انشاءَ الله قوم کي هن مشڪل مان ڪڍنداسين، اڳوڻي حڪومت سستي گئس خريد ڪرڻ جو موقعو ڄاڻي واڻي وڃايو، لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻڻ اسان جي ذميواري آهي، قطر سان ڪيل شفاف معاهدي کي اڳوڻي حڪوم?? تنقيد جو نشانو بڻايو، اڳوڻي حڪومت بجلي جي پلانٽس جي مرمت نه ڪرائي. ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ جي حوالي سان ??نعقد اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چ??و ته لوڊشيڊنگ ڪنٽرول ڪرڻ جي حوالي سان اسان جي ڪوششن جا اڃا تائين خاطرخواهه نتيجا نه نڪري رهيا آهن، گذريل حڪومت بجلي جي پلانٽس جي مرمت نه ڪرائي، بند پيل پلانٽس کي اسان جي حڪومت سخت محنت سان ??رمت ڪري هلايو. هن چ??و ته هن وقت ٻارڻ جو تمام وڏو چئلينج درپيش آهي، تيل ۽ گئس جون قيمتون عالمي منڊين ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن جي بلند ترين سطح تي آهن، اسان کي اهو سوچڻو پوندو آهي ته ايتري مهانگي تيل ۽ گئس تي بجلي ٺاهيون ته ان تي ڪيترو پرڏيهي ناڻو خرچ ٿيندو، اسان ??ڪ هڪ پئسو بچائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، اسان خام مال ۽ مشينري جي درآمد تي پابندي هنئي ته جيئن اڍائي کان ??ي ارب ڊالر ساليانو بچت ٿي سگهي. هن چ??و ته عالمي منڊي ۾ تيل ۽ گئس جون قيمتون بلند ترين سطح تي ٿيڻ جي ڪري اسان ا??ل اين جي جي لاءِ جيڪي ٽينڊر ڏنا ان ۾ ڪجهه ٽينڊرز ۾ ڪا بڊ ئي ناهي آئي، جيڪا بڊ آئي ان ۾ 40 ڊالر في يونٽ گئس مهانگي ملي رهي آهي. هن چ??و ته ان جي سببن کان اسان سٺي طرح آگاهه آهيون جڏهن ته ان بحران ??ان ??اڪستان کي ڪڍنداسين. هن چ??و ته گذريل حڪومت پنهنجي سياسي مخالفن کي ديوار سان ??ڳائڻ جي لاءِ لڳايل وقت جو اڌ به ان تي هڻي ها ته اڄ اها صورتحال نه هجي ها. هن چ??و ته نواز شريف جي دور ۾ اسان 13 ڊالر جو معاهدو ڪيو جڏهن ته ان تي ايتري الزام بازي ڪئي وئي ته قطر ان شفاف معاهدي تي تنقيد جي ڪري پريشان ??ي ويو، اسان اهو معاهدو 15 سالن جي لاءِ جڏهن ته 10.4 ڊالر تي 5 سالن جي لاءِ معاهدو ڪيو. هن چ??و ته جيڪڏهن گذريل حڪومت ڊگهي مدي وارا معاهدا ڪري ها ته اڄ گئس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ٿئي ها، هن گئس خريداري ۾ مجرماڻي غفلت ڪئي، 6.5 ڊالر ۾ ڊگهي مدي وارا معاهدا نه ڪيا، ان ۾ ايتري سياسي بصيرت به نه هئي، اسان ڏينهن رات سخت ڪوششون ڪري رهيا آهيون ته ان تي ضابطو آڻيون. وزيراعظم چ??و ته جيڪڏهن بجلي نه هجي ته عوام بددعائون ڏيندي آهي ۽ جيڪڏهن انڊسٽري کي گئس نه ملي ته روانگي واکار ڏچڪو لڳي ٿو، هي هڪ مشڪل چئلينج آهي ان جي لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چ??و ته عظيم دوست چين جي تعاون سان سي پيڪ تحت ڪوئلي جا پلانٽ لڳا آهن، آفريقا ۾ هن وقت ڪوئلي جون قيمتون بلند ترين سطح تي آهن، مشڪل صورتحال مان الله چاه??و ته ضرور نڪرنداسين. هن چ??و ته چين جي حوالي سان ريوالونگ اڪائونٽس نه کولڻ تي چين کي گذريل هڪومت جي ان ??دم تي اعتراض هو، سيمنز ڪمپني ساڍا 12 سئو ميگاواٽ جو پلانٽ لڳايو، اڍائي سال اڳ اهو پلانٽ هلڻ گهرجي ها پر بند پيو آهي، جنهن جي ڪري 30 کان 40 ارب رپيا ضايع ٿيا، پن بجلي جي منصوبن ۾ ڄاڻي واڻي دير ڪئي وئي، اهو چئلينج اسان کي ورثي ۾ مليو، ان کي اسان کي حل ڪري پاڪستان کي ان بحران ??ان ڪڍڻو آهي اهو وقت پري نه آهي جڏهن لوڊشيڊنگ گهٽ ٿيندي. وزيراعظم چ??و ته اسان کي پاڪستان کي صحيح معنيٰ ۾ قائد جو پاڪستان بڻائڻو آهي.