اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شه??از شريف بڪين ۽ جيري جي اسپتال پاڪستان ڪڊني اينڊ لور انسٽيٽيوٽ (پي ڪي ايل آءِ) لاهور جي بورڊ جي بحالي جو باضابطه حڪم جاري ڪري ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب ڊاڪٽر سعيد اختر کي آمريڪا مان واپس گهرائي پوءِ پي ڪي ايل آءِ جو چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم شه??از شريف گذريل ڏينهن پي ڪي ايل آءِ جي بورڊ آف گورنرز جي اجلاس جي صدارت ڪئي هئي، چار سال اڳ ڊاڪٽر سعيد اختر عدالتي ڪارروائي ۽ ٻين مسئلن کانپوءِ آمريڪا واپس هليو وي?? هو، ڊاڪٽر سعيد اختر شه??از شريف پاران جذبو ڏيارڻ تي آمريڪا مان سڀ ڪجهه ڇڏي پاڪستان آي?? هو، وزيراعظم شه??از شريف ڊاڪٽر سعيد اختر کي واپس آڻڻ ۾ ذاتي طور تي ڪردار ادا ڪيو، پي ڪي ايل آءِ گردي ۽ جگر جي پيوندڪاري جو جديد ترين ۽ عالمي معيار رکندڙ اولين ادارو آهي، ياد رهي ته وزيراعظم شه??از شريف وڏي وزير طور اهو ??نصوبو جگر ۽ گردي جي مريضن کي ٻاهرين ملڪ علاج جي مهانگي خرچن ۽ سفري وقت بچائڻ لاءِ بڻاي?? هو، عمران خان حڪومت ۾ ان منصوبي کي به سياسي انتقام جو نشانو بڻايو وي?? هو.