اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 14 مئي تي اتر وزيرستان ۾ خودڪش حم??ي جي شهيدن جي وارثن سان ٽيلي??ون?? رابطو ڪيو ۽ ملڪ تي جان نڇاور ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر سپ??هي قاسم مقصود، سپ??هي عزيز ۽ لانس حوالدار زبير قادر جي وارثن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر فوجي جوانن جي شهادت تي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر 26 اپريل تي ڏکڻ وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ سپ??هي محمد سراج ال??ين جي وارثن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي، هن شهيدن جي وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي، صدر شهيدن جي عظيم قرباني تي خراج عقيدت پيش ڪيو.