اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سينيئر صحافي خالد حميد فاروقي جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آه?? ته هو هڪ محنتي ۽ پنهنجي پيشي سان عشق ڪند?? صحافي هو. پي ايم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي تعزيتي بيان ۾ چيو ته خالد حميدفاروقي جو لاڏاڻو صحافت جي شعبي جو وڏو نقصان آه??، سندس صحافتي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن دعا ڪئي ته ا??له تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونيئرن کي صبر جميل عطا فرمائي.