اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مسيحي برادري پاڪستان ۾ تعليم، صحت ۽ دفاع سميت سمورن شعبن ۾ غيرمعمولي خدمتون سرانج??م ڏنيون آهن، مسيحي برادري سميت سمورا غيرمسلمان پاڪستاني ??سان جو فخ?? جوڳو اثاثو ۽ قوت آهن، اسان پنهنجي غيرمسلم پاڪستانين جي ترقي، ڀلائي ۽ انهن کي آئيني ??قن جي فراهمي يقيني ??ڻائڻ جو عزم ر??ون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف ايسٽر جي تهوار جي موقعي تي پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي مبارڪباد وارو پيغ??م ڏيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته مسيحي برادري کي ايسٽر جي خوشين جي مبارڪباد ڏيون ٿا ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته حضرت عيسيٰ عه سان والهاڻي محبت ۽ عقيدت مسيحن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ هڪ تمام وڏو گڏيل قدر آهي. وزيراعظم جو چوڻ ??و ته مسيحي برادري پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي تعمير پاڪستان تائين هر مرحلي تي تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته هن تهوار تي پاڪستان جي ترقي، دنيا ۾ امن ۽ محبت جي فروغ، تڪرارن ۽ نفرتن جي خاتمي جي خصوصي دعا جي اپيل ڪريان ٿو.