تيمر گره – 11 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بي اعتمادي رٿ کان هڪ ڏينهن پهرين ڊي چوڪ ۾ وڏي جلسي جو اعلان ڪندي چيو ??هي ته مخالف ڌر اڳواڻ نوٽن جا ٿيلها کڻي اسيمبلي ميمبر?? جي پويان پويان گهمي رهيا آهن، کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿي?? وارو آهي، بي اعتمادي رٿ جو ميچ ڪپتان کٽيندو، پوءِ ڏسجو آئون انهن سان ڪهڙو سلوڪ ٿو ڪريان، فضل الرحمان، زرداري ۽ شهباز شريف جون هڪ ئي بال تي وڪيٽون ڪرائيندس، ٽئي منهنجي نشاني تي اچي ويا آهن، ڪڏهن ڪنه?? جي سامهون نه جهڪيو ??هيان نه پنهنجي قوم کي جهڪڻ ڏيندس، حڪومت ته ننڍي شيءَ آهي جان به ڏيڻي پئي ته چورن کي نه ڇڏيندس، پاڪستان ۾ ڊيزل ۽ پيٽرول دبئي کان به سستو آهي، ملڪي سالميت لاءِ مضبوط فوج ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن تمير گره، لوئر دير ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ??ه پاڪستان جو قيام ڪلمه طيبه جي بنياد تي ٿيو، ڪلمه طيبه جو هڪ پورو فلسفو آهي، غير جي اڳيان جهڪندڙ?? جي دنيا ۾ ڪا به عزت ناهي هوندي، مسلمانن تعداد ۾ گهٽتائي جي باوجود قيصر ۽ ڪسريٰ جهڙي سپر پاورز کي شڪست ڏني ۽ اهي 8، 9 سال?? جي مختصر عرصي ۾ ئي مسلمان?? جي سامهون گوڏا کوڙڻ تي مجبور ٿي ويون، دنيا صرف خوددار قوم جي عزت ڪندي آهي، پاڪستان کي خود دار ملڪ بڻائڻ، فلاحي رياست جو قيام ۽ عدل ۽ انصاف جو نظام قائم ڪرڻ ۽ طاقتور کي قانو?? جي تابع بڻائڻ اسا?? جي منشور جو حصو آهي ۽ اهو منشور اسان مديني جي رياست کان ورتو آهي، نبي ڪريم ﷺ دنيا جي پهرين فلاحي رياست قائم ڪئي هئي. وزيراعظم چيو ??ه ملڪ تي 35 سالن کان حڪومت ڪندڙ اڄ گڏجي ويا آهن، دنيا ۾ اسا?? جي سائي پاسپورٽ جي عزت انه?? جي ڪري نه آهي، ڇو ته ماضي جي حڪومتن ملڪ کي قرضي ڪيو ۽ وڏين طاقت?? جي سامهون جهڪيل رهيا. 2000ع کان 2018ع تائين نواز شريف ۽ زرداري جي دورن ۾ ملڪ تي 400 ڊرون حملا ٿيا ۽ بي گناهه ماڻهو ماريا ويا پر نواز شريف، زرداري هڪ ڀيرو به مذمت نه ڪئي ڇو ته انهن جا اربين روپين جا اثاثا ٻاهر پيل آهن، انهن حمل?? جي خلاف صرف تحريڪ انصاف ئي رستن تي نڪرندي هئي ۽ تحريڪ انصاف سدائين ڊرون حمل?? جي مذمت ڪئي، نواز شريف جي دور ۾ مودي اسا?? جي فوج کي دهشتگرد چئي رهيو هو پر نواز شريف هڪ دفعو به مودي جي مذمت نه ڪئي ۽ پرڏيهي آفيس جي ترجمان کي به ڀارت جي خلاف بيان ڏيڻ کان روڪيو ويو، ماضي جي حڪمرانن جو پئسو ملڪ کان ٻاهر پيل آهي جنهن جو پئسو ملڪ کان ٻاهر هجي آزاد پرڏيهي پاليسي نٿو بڻائي سگهي، اسان قائداعظم کي پنهنجو اڳواڻ مڃون ٿا، هو صادق ۽ امين ۽ دلير هو، انگريز?? جي اکين ۾ اکيون وجهي هن ملڪ آزاد ڪرايو ۽ پنهنجي مقصد لاءِ جا?? جي بازي لڳائي ڇڏي. وزيراعظم چيو ??ه نه هو ڪڏهن جهڪيو ??هي ۽ نه ئي پنهنجي قوم کي ڪنه?? جي سامهون جهڪڻ ڏيندو. وزيراعظم چيو ??ه فضل الرحمان چوي ٿو ته اقتدار ۾ اچي اداري کي ٺيڪ ڪنداسين، وزيراعظم چيو ??ه جيڪڏهن اڄ پاڪستان محفوظ آهي ته اهو پاڪ فوج جي ڪري ئي آهي، ملڪي سالميت لاءِ مضبوط فوج ضروري آهي، مسلمان دنيا جون حالتون ڏسون ته ان تي هڪ عذاب آيل آهي، عراق، شام، صوماليه ۽ اف??انستان ۾ ڇا ٿيو ??هي سڀني جي سامهون آهي، جنهن ملڪ وٽ پنهنجي قوت نه هجي اهو آزاد نٿو رهي سگهي، ماضي جي حڪمرانن سمورا ملڪي ادارا تباهه ڪري ڇڏيا، عدالتن تي حملا ڪيا ويا، ججن کي خريد ڪيو ويو، چيف جسٽس کي ڏنڊن سان ڀڄايو ويو ۽ فون ڪال ڪري ججن کان فيصلا ورتا ويا، ميڊيا کي لفافا ۽ رشوت ڏني ويندي هئي. هن چيو ??ه نواز شريف سڀني کان وڏو بزدل، ڀڳوڙو ۽ ڪوڙو آهي، پهرين ڪوڙ ڳالهايو ??ه مشرف سان 10 سالن جو ڪو به معاهدو ناهي ڪيو ۽ هن ڀيري بيماري جو بهانو بڻائي ٻاهر هليو ويو، نواز شريف ڇانگامانگا جي سياست کي فروغ ڏنو، ميمبرن جون قيمتون لڳايون ۽ جنرل آصف نواز کي رشوت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، کٽمنڊو ۾ مودي سان لڪي ملاقات ڪئي ۽ نواز شريف ئي ڪشميرين تي ظلم ڪندڙ مودي کي شادي ۾ گهرايو. هن چيو ??ه فضل الرحمان ته اهو ماڻهو آهي جنهن آمريڪي سفير کي چيو ??ه مون کي به مو??عو ڏيو، آصف علي زرداري ملڪ جي سڀ کان وڏي بيماري آهي، ميموگيٽ ۾ آمريڪا کي خط لکيو ??ه مون کي بچائي، ننڍو شوباز شريف چئي رهيو ??هي ته يورپي يوني?? جي مذمت ڪري مون غلط ڪيو ??هي، هي ٽائي، قيمص ۽ سوٽ پائي چوندو آهي ته مون کي به خدمت جو مو??عو ملڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ??ه ڦورئ?? جي گلدستي کي منهنجو پيغام آهي ته کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿي?? وارو آهي، پنهنجا خواب وساري ڇڏيو، مخالف ڌر اهو ئي ڪم ڪيو ??هي جنهن جون مون دعائون گهريون ته اهي بي اعتمادي جي رٿ آڻين، ڪڏهن اهي ڌرڻا هڻندا آهن، ڪڏهن حڪومت وڃڻ جون تاريخون ڏئي رهيا هوندا آهن، شڪر آهي ته هنن مو??عو ڏنو آهي ته هاڻي هڪ ئي يارڪر سان ٽئي وڪيٽون ڪرائيندس، عدم اعتماد کان هڪ ڏينهن پهرين ڊي چوڪ ۾ انسانن جو سمنڊ هوندو ۽ آئون قوم کي ٻڌائيندس ته اهي ماڻهن جا ضمير خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن اسان کين نه ڇڏينداسين. وزيراعظم چيو ??ه نواز شريف کي سوشل ميڊيا تي آمريڪي صدر سان گڏ ويٺل ڏٺو هوندو ه?? جي هٿ ۾ پرچي پڪڙيل آهي ۽ ان جون ”ڪانپين ٽانگ“ رهيون هيون ۽ گهٻرايل هو ته ڪٿي آقا ناراض نه ٿي وڃي ۽ ا?? جي چوري جو پئسو نه پڪڙيو وڃي. وزيراعظم چيو ??ه بلاول ته ٻار آهي ا?? جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان، سنڌ مان ماڻهن کي پئسا ڏي اسلام آباد آندو ۽ پوءِ آخر ۾ ان جو پيغام ڇا هو ته ”ڪانپين ٽانگ“ رهيون آهن، اڳتي ڏسو ته نوان نوان لفظ نڪري سامهون ايندا. ڪڏهن ”ڪانپين ٽانگ“ رهيون آهن، ڪڏهن ”چيني اگتا هي“ ۽ ڪڏهن ”بارش آتا هي“، بلاول کي به زبردستي ليڊر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، وزيراعظم چيو ??ه اسان ملڪ کي فلاحي رياست بڻائڻ جي راهه تي گامزن آهيون، دنيا جي امير ملڪن ۾ به يونيورسل هليٿ ڪوريج جي سهولت نه آهي، پر اڄ پاڪستان ۾ هر شهري وٽ صحت ڪارڊ جي صورت ۾ 10 لک روپي?? جي هيلٿ انشورنس آهي، پاڪستان دنيا لاءِ هڪ مثال بڻجندو، گهر بڻائڻ لاءِ قرض ڏنا پيا وڃن، هاري?? جي ڀلائي ۽ ترقي ۽ فني تعليم لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ۽ کين قرض ڏنا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ??ه مهانگائي پوري دنيا ۾ آهي، احساس راشن ڪارڊ تحت 2 ڪروڙ خاندانن کي سبسڊي ڏني پئي وڃي ۽ ماڻهو ڪريانه اسٽور کان اٽو، گيهي ۽ کنڊ 30 سيڪڙو سستي حاصل ڪري سگهن ٿا، پاڪستان ۾ ڊيزل ۽ پيٽرول دبئي کان به سستو آهي، جنهن معاشري ۾ انصاف نه هجي ته اهو تباهه ٿي ويندو آهي ان لاءِ قانو?? جي بالادستي ضروري آهي. وزيراعظم چيو ??ه منهنجو ٽن ڦوروئن سان مقابلو آهي پر اهي منهنجي نشاني تي اچي ويا آهن، هڪ ان سوئنگ يارڪر سان ٽنهي جون وڪيٽيون ڪرائيندس، اهي مون کان اين آر او گهري رهيا آهن، حڪومت ته ننڍڙي شيءَ آهي جان به ڏيڻي پئي ته چورن کي نه ڇڏيندس، جيل غريبن سان ڀريا پيا آهن جڏهن ته طاقتور ڏوهاري ٻاهر گهمي رهيا آهن، جيستائين جسم ۾ جان آهي انصاف جي جنگ وڙهندو رهندس. وزيراعظم چيو ??ه خودداري، انسانيت ۽ انصاف تي مديني جي رياست جو بنياد رکيو ويو هو، نوجوانن کي سيرت النبي ﷺ سان روشناس ڪرائڻ لاءِ رحمت اللعالمين اٿارٽي ٺاهي آهي، اسان جو نبي صه رحمت اللعالمين آهي، الله تعاليٰ امربالمعروف و نهي عن المنڪر جو حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم چيو ??ه مخالف ڌر اڳواڻ نوٽن جا ٿيلها کڻي اسيمبلي ميمبر?? جي پويان پويان ڦري رهيا آهن ۽ اسيمبلي ميمبرن کي 20، 20 ڪروڙ روپي?? جي آڇ ڪئي پئي وڃي، قوم جي سامهون تماشو لڳل آهي، اولهه ۾ ڪنهن جو ضمير خريد ڪرڻ جو ڪو به تصور نه آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن تي شڪ ٿي وڃي ته پوءِ اهو معاشري ۾ پنهنجو منهن ڏيکارڻ جي قابل ئي نٿو رهي، اسا?? جي ملڪ جي بدقسمتي آهي ته انهن چورن 35 سال حڪومت ڪري سٺي ۽ خراب جي تميز ختم ڪري ڇڏي آهي. سينيٽ جي چونڊن ۾ يوسف رضا گيلاني جي پي ٽي آءِ جي ميمبرن کي پئسا ڏيڻ جي وڊيو منظرعام تي آئي هئي، اولهه ۾ جيڪڏهن اهڙو وا??عو پيش اچي ها ته ان جو ذميدار جيل ۾ هجي ها، وزيراعظم چيو ??ه بي اعتماد رٿ پيش ٿي?? کان هڪ ڏينهن اڳ قوم کي ا?? جي لاءِ ڊي چوڪ ۾ گهرائي رهيو ??هيان ته جيئن مخالف ڌر کي اهو پيغام ڏنو وڃي ته اسا?? جي قوم زنده آهي ۽ هو ڀلائي سان گڏ بيٺل آهي ۽ برائي کي ختم ڪرڻو آهي. وزيراعظم چيو ??ه شهباز شريف جي چپڙاسي جي بئنڪ اڪائونٽ مان به پوڻا چار ارب روپيا نڪتا آهن، شهباز شريف جڏهن نيب ۾ پيش ٿيندو آهي ته ا?? جي چيلهه ۾ درد ٿي ويندو آهي ۽ جڏهن اسيمبلي ۾ تقرير ڪندو آهي ته ا?? جي تقرير ختم ئي ناهي ٿيندي، وزيراعظم چيو ??ه اسا?? جي جن ميمبرن کي رقم جي آڇ ٿي رهي آهي اهي مون کي ٻڌائي ڇڏيندا آهن، آئون انهن کي چوندو آهيان ته حرام جو پئسو آهي ڪڏهن پنهنجو ضمير نه وڪرو ڪيو، عزت ۽ ذلت الله تعاليٰ جي هٿ ۾ آهي، جيڪڏهن اهي پئسا ڏين ٿا ته بي شڪ وٺو، ان پئسي مان ڪو يتيم خانو يا لنگر خانو کوليو ۽ غريب?? جي مدد ڪريو. وزيراعظم عمران خان چيو ??ه بي اعتمادي رٿ جو ميچ توهان جو ڪپتان کٽيندو ۽ پوءِ ڏسجو ته ان کانپوءِ انهن چورن سان آئون ڪهڙو سلوڪ ڪريان ٿو، ميڙاڪي کي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد ۽ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان به خطاب ڪيو.