اسلام آباد – 03 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سڀني صوبائي چيف سي??ريٽرين کي هدايت ڪئي آهي ته هو پاڙيسري ملڪن خاص طور تي افغانستان کي يوريا جي غير قانوني ترسيل کي روڪي ان جي دستيابي کي يقيني بڻائين، اها هدايت هن پنهنجي صدارت هيٺ ملڪ ۾ زرعي بهتري جي منصوبي تي ٿيندڙ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. وزيراعظم ??يو ته زراعت ۾ بهتر ميڪانائيزيشن ٽولز ۽ آءِ سي ٽي سان هلندڙ توسيع خدمتن جي متعارف ٿيڻ سان پاڪستان ۾ انقلاب برپا ٿي ويندو. هن چيو ته ملڪ ۾ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاء?? واپاري پئماني تي زيتون جي ڪاشت ۽ جهينگن جي فارمنگ وقت جي اهم ضرورت آهي ان سان روانگي واپار کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملند??، وزيراعظم ??يو ته ڪسان ڪارڊ جاري ٿيڻ سان ڪسانن کي مشينري ۽ زرعي سامان خريدڻ ۾ سهولت ملندي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ڪپهه، ڪڻڪ ۽ چانورن جهڙي وڏي فصلن ۾ تحقيق لاءِ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ سينٽرز آف ايڪسيلينس قائم ڪيا وڃن، هن ملڪ ۾ مويشن جي افزائش ۽ کير جي پيدوار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ٻچڙن جي پرورش جا مرڪز قائم ڪرڻ ۽ مصنوعي اينسيمينيشن کي بهتر ٽيڪنڪ متعارف ڪرڻ جي به هدايت ڪئ??، وزيراعظم سڀني صوبائي چيف سي??ريٽرين کي هدايت ڪئي ته هو پاڙيسري ملڪن خاص طور تي افغانستان کي يوريا جي عير قانوني ترسيل کي روڪي ان جي دستيابي کي يقيني بڻائين، وزيراعظم ??ي ٻڌايو ويو ته يوريا جي مصنوعي کوٽ پيدا ڪندڙ ماڻهن خلاف انتظامي قدم کنيا پيا وڃن.