اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻاهرين مل?? رهندڙ پاڪستانين تي زور ڏنو آهي ته هو پاڪستا?? ۾ ??يڙپڪاري ڪن جيڪو تيزي سان ايشيا جو سڀ کان وڏو سيڙپڪار ۽ واپاري مرڪز بڻجي اڀري رهيو آهي، پرڏيهي پاڪستانين جي فڪري ۽ ڪاروباري صلاحيتن مان فائدو کڻڻ لاءِ پاڪستان ۾ موجود صنعتن، اڪيڊيمين، ماهرن ۽ لاڳاپيل ادارن سان رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر اهڙن خيالن ??و اظهار آمريڪا ۾ رهندڙ سمنڊ پار پاڪستانين جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت ايسپائر پاڪستان جو صدر حسن سيد ڪري رهيو آهي، وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان پنهنجي دستياب انساني وسيلن کي حاضر دور جي هنر ۽ جديد تعليم فراهم ڪري انهن جي تربيت ??و اهتمام ڪري رهيو آهي، هن چيو ته تعليمي معيار کي وڌائڻ سان گڏوگڏ يونيورسٽي پاس ڪندڙ ماڻهن جو تعداد وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هن وڌيڪ چيو ته معيشت جي ڊجيٽلائيزيشن جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن جنهن سان پاڪستا?? ۾ ??ڌو سنئون غير مل??ي سيڙپڪاري کي وڌيڪ فروغ ملندو، صدر کي ٻڌايو ويو ته ايسپائر پاڪستان ٻاهرين مل?? رهندڙ ڪاروباري ماڻهن، سيڙپڪارن ۽ ٽيڪنالاجي ماهرن جو هڪ نيٽ ورڪ آهي جنهن جو ويزن پاڪستان کي جدت ۽ ان??ر پرينيورشپ جي ذريعي سماجي ۽ اقتصادي طور تي خوشحال بڻائڻ آهي، صدر پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي ڪردار کي ساراهيو.