اسلام آباد – 18 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ??يڪ?? جي نظام ۾ بهتري ۽ آساني يقيني بڻائي رهي آهي، ??يڪ?? جي رڪارڊ ڪليڪشن عوام جي حڪومت تي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن معاشي ماهر آرٿر بيٽز ل??فر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت فياض ترين پڻ موجود هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستاني ??يڪ?? جي نظام جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کانسواءِ پوري دنيا ۾ لاڳو ??يڪ?? نظام جي مثبت ۽ منفي اثرن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ??يڪ?? بيس وڌائڻ، نظام جي بهتري ۽ جدت، عوام تي ??يڪ?? جو بار گهٽ ڪرڻ سان گڏوگڏ نظام ۾ آساني آڻڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.