اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته چونڊ سڌارا ملڪ جي مستقبل جو معاملو آهي، اسان نيڪ نيتي سان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته انهن معاملن تي اتفاق راءِ پيدا ٿئي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر کي مخالف ڌر سان هڪ ڀيرو ٻيهر رابطو ڪرڻ جو چ??و ويو آهي ته جيئن متفقه چونڊ س??ار?? جو بل آڻي سگهجي. هن چيو ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي ان مقصد جي لاءِ ملتوي ڪيو پيو وڃي، اسان کي اميد آهي مخالف ڌر انهن اهم س??ار?? تي سنجيدگي سان غور ڪندي ۽ اسان پاڪستان جي مستقبل جي لاءِ هڪ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪ??ي وٺنداسين جهن ته ائين نه ٿيڻ جي صورت ۾ اسان س??ار?? تان پٺتي نه ٿا هٽي سگهون.