اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته راشد ميموريل ٽر??ٽ جي سماجي شعبي ۾ خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن، صوابي ۾ عالم آباد ويلفيئر ڪمپليڪس ۾ پاڪ فضائيه ۽ راشد ميموريل ٽر??ٽ جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايم ڊي بيت المال ظهير عباس کوکر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اڳوڻي ايئر چيف سهيل ام??ن به شريڪ هو، ملاقات ۾ صوابي ۾ عالم آباد ويلفيئر ٽائون جي قيام تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته راشد ميموريل ٽر??ٽ جي سماجي شعبي ۾ خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن. صوابي ۾ عالم آباد ويلفيئر ڪمپليڪس ۾ پاڪ فضائيه ۽ راشد ميموريل ٽر??ٽ جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. ان وقعي تي اسپيڪر کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ويلفيئر ٽائون جي قيام سان نه رڳو صوابي پر خيبرپختونخوا صوابي جي بي سهارا ۽ يتيم ٻارن، بيواهن ۽ بين لاچار ۽ غريب خاندانن کي رهائش سان گڏوگڏ تعليم، صحت ۽ ٻيون بنيادي سهولتون ميسر هونديون، ايم ڊي بيت المال اسپيڪر کي مستحق ماڻهن جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ پاڪست??ن بيت المال جي ڪارڪردگي جي باري ۾ بريفنگ ڏني. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پاڪست??ن بيت المال جي غريب مريضن جي مالي مدد ڪرڻ واکاڻ جوڳي آهي، اسپيڪر غريب مريضن جي علاج جي مفت سهولت فراهم ڪرڻ ۽ سوئيٽ هومز ۾ يتيم ٻارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان پاڪست??ن بيت المال جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته اسلامي فلاحي رياست جي ذريعي اسان کي پاڪستان ۾ انسانيت جو نظام آڻڻو آهي. غريبن کي برابر حق ڏيڻ رياست جي ذم??داري هوندي آهي، حڪومت جون غريبن ۽ ڪمزور طبقي کي مٿي آڻڻ جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن.