اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي ??زير شاه محمود قريشي چيو آهي ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي لاءِ انتهائي ضروري آهي، پاڪستان ۽ چين اسٽريٽجڪ ڀائيوار آهن. اهڙو اظهار هن پنهنجي چيني هم منصب وانگ زي سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. ٻنهي ??رڏيهي ??زيرن وچ ۾ افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.
پرڏيهي ??زير چيو ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي لاءِ انتهائي ضروري آهي، ان جي روشني ۾ پاڪستان افغان امن عمل جي پرعزم حمايت ڪئي. هن پاڪستان ۽ چين ٽرائيڪا پلس جو حصو هوندي امن جي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ ۾ معاونت فراهم ڪئي. پرڏيهي ??زير افغانستان جي صورتحال ۽ آئينده جي لائحه عمل جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ رٿيل قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس بابت چيني هم منصب کي آگاهه ڪيو. موجوده صورتحال ۾ نهايت ضروري آهي ته افغان عوام ۽ ان جي حقن ج?? تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.
پرڏيهي ??زير زور ڀريو ته افغانستان جو جامع سياسي تصفيه ضروري آهي جنهن جي لاءِ سمورن افغانين کي ملي ڪم ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي ??زير چيو ته عالمي برادري طرفان افغان عوام جي حمايت جاري رکڻ اڻٽر آهي، پرڏيهي ??زير شاه محمود قريشي هن ڳالهه تي زور ڀريو ته عالمي برادري کي افغانستان جي مسلسل معاشي معاونت برقرار رکڻي پوندي. پرڏيهي ??زير پنهنجي چيني هم منصب کي افغانستان مان مختلف ملڪن جي سفارتي ۽ عالمي ادارن جي عملي، ميڊيا ۽ ٻين ماڻهن جي نيڪالي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو.
هن چيو ته پاڪستان ۽ چين لوهي ڀائر ۽ اسٽريٽجڪ شراڪتدار آهن. هن چيو ته ٻنهي ??لڪن وچ ۾ گڏيل مفادن ۽ اهميت جي معاملن تي ويجها رابطا ۽ هم آهنگي برقرار رکڻ جي روايت موجود آهي. پرڏيهي ??زير چيني پرڏيهي ??زير کي افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي علائقائي اتفاق راءِ جي حاصلات لاءِ پنهنجي متوقع دورن کان تفصيلي آگاهه ڪيو. پرڏيهي ??زير شاه محمود قريشي ۽ اسٽيٽ قائونص??ر زانگ وي گڏيل مقصدن خاص ڪري افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي ويجها رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.