اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ??هي ته ڊيلٽ?? ويرينٽ جي ڦهلاءُ جي خلاف مودي حڪومت جي ناڪافي قدمن جي ڪري انسان ٻيهر وائرس جي رحم ڪرم تي آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چ??و ته اهڙي وقت ۾ جڏهن سڄي دنيا جا انسان ڪورونا وائرس کي شڪست ڏيڻ جي ويجهو هئا، ڀارت جي شدت پسند حڪومت جي قدمن هڪ ڀيرو ٻيهر اسان کي وچ ڪناري تي آڻي ڇڏيو آهي. ڊيلٽ?? ويرينٽ جي ڦهلاءُ جي خلاف مودي حڪومت جي ناڪافي قدمن جي ڪري انسان ٻيهر وائرس جي رحم ڪرم تي آهن.