اسلام آباد – 05 ج??ن (اي پي پي) موسمياتي تبديلين واري مملڪتي وزير زرتاج گل چيو آهي ته ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي ميزباني پاڪستان جي لاءِ وڏو اعزاز آهي، اهو وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ قدرتي ماحول جي تحفظ ۽ بحالي جي ڪوششن تي عالمي برادري جي اعتماد جو ??ڪاس آهي، پاڪستان ان حوالي سان وڌيڪ جامع قدم کڻندو. هو ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي 2021ع جي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. وزيراعظم عمران خان تقريب جو ??اص مهمان هو. زرتاج گل چيو ته ماحوليات جي حوالي سان پاڪستان جي لاءِ ٻه پهلو انتهائي اهم آهن، پهريون اهو ته ماحولياتي آلودگي جو ??بب بڻجندڙ گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو ??صو نه هجڻ جي برابر آهي، ٻيو اهو ته موسمياتي تبديلين جي اثرن جي ڪري رونما ٿيندڙ قدرتي آفتن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ 10 ملڪن ۾ هن جو ??مار ٿيندو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ملڪ جي مستقبل ۽ ايندڙ نسلن کي محفوظ بڻائڻ جي ويزن رکي ٿو، ان مقصد جي لاءِ هن صاف ۽ سرسبز پاڪستان جو ??صور پيش ڪيو جنهن جي روشني ۾ حڪومت ملڪي تاريخ جي وڏي منصوبي ۽ انقلابي پروگرام متعارف ڪرايا آهن. هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ ٽين بلين ٽري سونامي پروگرام تحت هيستائين هڪ ار?? وڻ پوکڻ جو هدف حاصل ڪيو ويو آهي، ان منصوبي سان جتي ٻيلن جي رقبي ۾ اضافو ٿيندو اتي 85 هزار گرين روزگار جا موقعا به پيدا ٿيا آهن، هن چيو ته ماحول کي آلودگي کان بچائڻ جي ڪوششن جي سلسلي ۾ بجلي تي هلندڙ گاڏيون متعارف ڪرايون پيون وڃن ۽ پاليسي تحت 2030ع تائين 30 سيڪڙو گاڏيون بجلي تي منتقل ٿي وينديون،