ساهيوال – 29 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان سان ساهيوال ڊويزن سان تعلق رکندڙ پا??ليامينٽرينز ۽ پاڪستان تحريڪ ا??صا?? جي ميمبرن جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ راءِ محمد ??رتضيٰ اقبال، سيد صمصام ع??ي بخاري، ملڪ نعمان احمد ??نگڙيال، چوڌري محمد ??وريز شڪور، شيخ محمد چوهاڻ، ملڪ فيصل جلال ڍڪو، مهر ارشاد حسين ڪاٺيا، وحيد اصغر ڊوگر، سيد محمد ??ظفر کگا، راءِ حسن نواز خان، فيض الله ڪموڪا، شڪيل احمد ??يازي، راڻا آفتاب احمد، نبيلا اعواڻ، ڊاڪٽر مظهر شيرازي ۽ وسيم رامي شريڪ هئا. پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار ۽ پنجاب جو گورنر چوڌري محمد سرور پڻ ملاقات ۾ شريڪ هئا. وفد ساهيوال جو دورو ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ سياسي معاملن، عوامي ڀلائي، ترقياتي منصوبن، خاص طور تي صحت، تعليم جي سهولتن جي فراهمي، زرعي شعبي جي ترقي جي حوالي سان جاري قدمن ۽ مستقبل جي منصوبن تي ڳالهه ٻ??له?? ٿي. ملاقات ۾ پا??ليامينٽرينز چيو ته وزيراعظم ع??ران خان جي اسلامي فلاحي رياست جي ويزن جي روشني ۾ عوام جي ڀلائي ۽ ترقي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.