غازي بروٿا – 19 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته ح??وم?? آبادگارن جي مسئلن جي حل لاءِ پرعزم آهي، آبادگارن سميت عوام کي سستي شمسي توانائ?? فراهم ڪئي ويندي، ح??وم??ي قدمن جا ثمر جلد آبادگارن تائين پهچندا. آبادگارن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته جعلي زرعي دوائن وارن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪنداسين. هن چيو ته محنت آبادگار ڪندو آ??ي ۽ فائدو مڊل مين کڻندو آ??ي. اسان مڊل مين جي ڪردار ۾ گهٽتائي ۽ عوام کي فائدو پهچائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، هن چيو ته آبادگارن کي جهڙي اگهه تي جنسون ورت??ون ويند??ون آهن ان کان ڪيتري ئي وڌيڪ قيمت تي وڪرو ڪ??ون ويند??ون آهن. هن چيو ته اسان زرعي پيداوار وڌائڻ ۽ آبادگار طبقي جي مدد لاءِ منصوبابندي ڪري رهيا آهيون، آبادگارن کي آسان قسطن تي قرض ج?? فراهمي جو جائزو ورتو پيو وڃي، هن چيو ته ٽيوب ويل کي سولر تي منتقل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آه??ون ان سان آبادگارن کي سستي بجلي دستياب ٿيندي.