اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين صادق سنجراڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ملاقات ڪئي. ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري به ملاقات ۾ موجود هو. ملاقات ۾ منصوبابندي ۽ خصوصي قدمن وارو وفاقي وزير اسد عمر ۽ دفاع وارو وفاقي وزير پرويز خٽڪ به شريڪ هئا. ملاقات ۾ ٻنهي ايوانن ج?? ايندڙ اجلاسن ج?? ڪارروائي قاعدن ۽ ضابطن موجب هلائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته اجلاسن ج?? ڪارروائي خوشگوار ماحول ۾ هلائڻ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي گڏيل ذميداري آهي. عوامي مسئلن ج?? حل لاءِ عوام ??ون نظرون پارليامينٽ ڏانهن آهن. ايوان ج?? ڪارروائي دوران حڪومت ۽ مخالف ڌر کي سي??سي پختگي جو مظاهرو ڪرڻ جي ضرورت آهي.