اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻار کي ٻن سالن تائين ماءُ جو کير پيارڻ جي اهميت اجاگر ڪندي چيو آهي ته مسجدن جا عالم سڳورا، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي ان حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، ٻارن کي ماءُ جو کير پيارڻ سان ماءُ ۽ ٻار ڪيترين ئي بيمارين ک??ن محفوظ رهن ٿا، دٻي جو کير ماءُ جي کير جو متبا??ل نه آهي. اهڙن خيالن جو ا??هار هن ايوان صدر ۾ ٻارن کي ماءُ جو کير پيارڻ جي فروغ ۽ تحفظ جي موضوع تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو.