اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪوئيٽا جو دورو ڪيو ۽ مچ سانحي جي شهيدن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ??ن موقعي تي بلوچستان جو ??ڏو وزير ڄام ڪمال خان، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير علي حيدر زيدي ۽ وزيراعظم جو سمنڊ پار پاڪستانين وارو خاص معاون سيد ذوالفقار عباس بخاري پڻ موجود هو. مچ سانحي جي شهيدن جي پونئيرن وزيراعظم عمران خان کي پنه??جي مشڪلاتن کان آگاهه ڪيو ۽ پنه??جي شهيد ٿيندڙ گهرڀا??ين بابت کيس ٻڌايو. وزيراعظم عمران خان انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته هو هزاره برادري جي مسئلن کان چڱي ريت آگاهه آهي ۽ انهن سان ڪيل واعدا پورا ڪندو.