اسلام آباد – 24 – ڊسمبر (اي پي پي) سڄي دنيا وانگر پاڪستان ۾ به ??رس??س جو ڏڻ اڄ جمعي ڏينهن ملهايو ويندو. ان ڏس ۾ مسيحي برادري ??رس??س جي تيارين کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. نجي ۽ سرڪاري ادارن ۾ مسيحي برادري جي خوشين ۾ ش??يڪ ٿيڻ لاءِ ڪيڪ ڪٽڻ جون تقريبون به منعقد ڪيون پيون وڃن، جيتوڻيڪ ان اهم ڏڻ جون وڌيڪ تقريبون وبا جي ٻي لهر جي ڪري پوري دنيا ۾ ڊجيٽل طور تي منعقد ٿينديون، تنهن هوندي ??ه مسيحي برادري ان وائرس کان محفوظ رهڻ جي لاءِ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪندي ??وش ۽ جذبي سان ان ڏڻ جي تيارين ۾ مصروف آهي، مسيحي برادري جو ڏڻ ڪووڊ -19 ايس ا?? پيز تي عمل ڪندي ننڍي پئماني تي سرڪاري ميڙاڪن کان وٺي ڪيڪ ڪٽڻ جهڙي تقريبن تائين مختلف سرگرمين جي ذريعي ملهايو پيو وڃي، ??رس??س فيسٽيول ۾ ??رس??س ٽري، سانتاڪلاز ڪيرولز ۽ ??رس??س تحفن جهڙيون روايتون شامل آهن جيڪي ان ڏڻ کي دلڪش بڻائينديون آهن، سمورا وڏي عمر جا ماڻهو پنهنجي ۽ پنهنجي پيارن لاءِ وفاقي گادي واري شهر جي مارڪيٽن ۽ هفتيوار بازارن ۾ خريداري جڏهن ته نوجوان ??رس??س ٽري جي سجاوٽ ۽ پنهنجي، پنهنجي فيملي ۽ دوستن جي لاءِ ??رس??س تحفن جي خريداري ۾ مصروف آهن.